سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ ۽ هند جي نامور ليکڪ ۽ لسانيات جي ماهر جئرامداس دولترام جو لکيل آهي، جيڪو رکيل مورائيءَ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ متعلق مختلف عنوانن سان ارڙهن مضمون شامل آهن، جن مان ڪجھه هيٺيان آهن: (1) سنڌي ٻوليءَ جي وڪاسي ترقي، (2) سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس: ٻه ٽي پراڻا ورق، (3) سنڌ ۾ ديو ناگري لپي: ڀنڀور جي کنڊرن مان ڇا لڌو؟ (4) سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس: ٻه هزار سال پراڻو اکر، (5) سنڌي ٻوليءَ جو اتهاس: يارهين صديءَ جا ڪي اکر، (6) چوڏهين صدي عيسويءَ جي سنڌي، (7) سنڌين جو اتهاسڪ ڏينهن، (8) سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي، (9) پن چيني سنڌ جو اتهاس: جين ڌرم جو ڦهلاءُ. (10) سنڌين جو آڳاٽو اتهاس، الهندي سوراشٽر راڄ ۾ وغيره. ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکتن متعلق چڱو خاصو معلوماتي مواد ميسر ڪيو ويو آهي، ڪتاب جي شروعات ۾ ناشر طرفان نوٽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل آهي، ڪتاب ۾ جامع مقدمو شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو رکيل مورائيءَ جو لکيل آهي. ان کان علاوه مرتب پاران ليکڪ بابت نوٽ به ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي رنگين جلد سان 130 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو